ٿرڙي محبت

ٿرڙي محبت: هي تعلقي ميهڙ جو اهم شهر آهي، جيڪو ماضيءَ ۾ خود تعلقو رهيو آهي ۽ مرزا قليچ بيگ جي روينيو کاتي ۾ مختيارڪار طور پهرين مقرري ٿرڙي محبت تعلقي ۾ ٿي هئي. هن شهر کي ٽائون ڪميٽيءَ جو درجو به حاصل هو، پر پرويز مشرف جي دور ۾ متعارف ڪرايل نئين مڪاني حڪومت واري نظام کان پوءِ هن شهر کي يونين ڪائونسل ۾ تبديل ڪيو ويو. هتي بوائز ۽ گرلس هاءِ اسڪول، صحت مرڪز، پرائمري اسڪول آهن. هتي جي آدم شماري 50 هزار کان مٿي آهي .


لفظ ٿرڙي محبتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو